sHaHzEb MuHaMmaD aLi kHuShIk

ڇوليون ساگر جون......!!
اعجاز منگي
ماياڪو وسڪيءَ جي ”ماريا“ وانگر ”نيلوفر“ نه آئي.
۽ اسان جون اکيون ان طرف تڪينديون رهجي ويون، جنهن طرف نيرو گهرو سمنڊ آهي. جنهن جي ڪناري جي آلي واريءَ مٿان اگهاڙين پيرين گهمندي ڀٽائيءَ ”سر سامونڊي“ سرجيو هو. جنهن جي آس پاس واڍ جهڙي نو ورنيءَ کي نير وهائيندي ڏسي هن شعر جي شڪل ۾ جدائيءَ جو هڪ منظر پينٽ ڪندي لکيو هو ته:
”سنهين لڪ، نڪ سئين ڪجل ڀنا نيڻ
سامونڊي مون سيڻ، ڪه ڪالهه اڪاريا“
اها سنهي چيلهه واري ڪير هئي؟
ڪير هئي؟ اها نڪ سنهين، منهن ڦٽڙي! جنهن جي ڪارين اکين هيٺان ڪجل جا نشان هئا.
گوري چٽي هئي؟ ڪڻڪ وني هئي؟
۽ ڪير هو ان جو ور؟ ڪيڏانهن ويو هو؟ اهو سامونڊي هاري، جيڪو ونجهه سان کارو کيڙيندو هو!!
جنهن مند ۽ موسم ۾ لطيف سامونڊي سير ڪيو هو، اها رت اهائي هئي. نه ته ڪيئن حوالو اچي ها؟ ان ڏڻ جو جنهن ۾ خوبصورت اکين جهڙا ڏيئا روشن ٿي پوندا آهن.
”ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنبهائيا“
جڏهن اتر آهستي آهستي گهلڻ شروع ڪندو آهي ۽ سيارو سوڙ کان وڌيڪ ساٿيءَ جي پڇا ڪندو آهي.
پر ڪنهن ڀڳل ٻيڙيءَ جي ڀاڪر ۾ چني اوڍي سمهڻ واري اها سامونڊي نار، ڪيترو نه موهي وئي، ان گيڙو رتي ڪاپڙيءَ کي، جنهن لکيو هو ته:
”اتر ڏني اوت، نه مون سوڙ نه گبرو
چنيءَ چار ئي پوت، مون ريڙهيندي رات ڳئي!“
اها رات، جنهن ۾ ڪو خواب نه هو. صرف خيال هئا. صرف سمنڊ جي ڇولين جو اذيت ناڪ آواز هو ۽ ٻيو آڌيءَ جو اڏامندڙ پاڻيءَ جي پکين جون هيون، اهي لاتيون، جن ۾ ڪو دلاسو به نه هو!!
انقلاب کان اڳ واري روسيءَ شاعريءَ جهڙو اهو سارو ماحول ڪيترو نه پاليوٽيڊ ٿي ويو آهي، اڄ!!
ان سان ڪيترو نه پيار هو، ان اياز جو، جيڪو سمنڊ جو ديوانو هو. جيڪو سمنڊ کي پنهنجو ڀاءُ سمجهندو هو. جيڪو پهرن جا پهر واڪنگ اسٽڪ جي هٿئي مٿان کاڏي کوڙي پنهنجي سيني ۾ موجود دل جهڙي ان اٿاهه ۽ پريشان پاڻيءَ کي ڏسندو رهندو هو ۽ واپس اچي لکندو هو:
”تنهنجو ڏوهه نه پر
ڇوليون ڪاوڙ ۾ رنڀي
وجهن چڪ ڪپر“
هو جيڪو هميشه سنڌ جي ساگر کي چوندو هو ته:
”کنڀي کڻ
کنڀي کڻ
سمنڊ منهوڙي تان
مون کي تون
کنڀي کڻ“
هو چاهيندو هو ته سنڌ جي لوڪ افسانن جي هيري وانگر اهو سامونڊي گهوڙي سوار هن کي سچي سنگتيءَ وانگر کنڀي کڻي وڃي ۽ دور جي دور جي ساحل تي هڻي ۽ هو ڀلي اتي ايئن ڇڻي ”جيئن ڇوهي ۾
جهوني وڻ جا
ڇڻ ڇڻ پتا“
ائين اڏامي وڃڻ چاهيندو هو، اياز! ان سمنڊ جي ڪناري، جتي ويٺي، هن کي نٽ کٽ ڪاريون ڪجريون اکڙيون، ٻڌن رکڻيون، ڀاڪر ڄڻ انبار گلن!! سڀ ياد ايندا هئا.
بار بار جي هن جي منهن تي، ارهه انارن وانگر آيا!
هو انهن جي سار جون ساريون ٽاريون ٽارڻ چاهيندو هو ۽ ان سمنڊ سان هم آغوش ٿيڻ جي تمنا، تهذيب جي دائري ۾ رهندي، ان جي سيني اندر تڙپندي رهندي هئي، جڏهن هو سمنڊ ڏسندو هو!
اهو سمنڊ! جنهن جي واريءَ تي عشق جي احتجاجي چاڪنگ ڪندڙ هڪ شهري ڇوڪريءَ کي جڏهن پاڻ وانگر پهرن جا پهر پاڻيءَ کي تڪيندي ڏسندو هو، تڏهن ”پرنس ڪامپليڪس“ واري فليٽ ۾ واپس اچي لکندو هو ته:
”ارهه سرنگي نينگري
ڇا ٿي ڳائين تون؟“
۽ پوءِ پاڻ کي جواب ۾ لکندو هو ته:
”ڳالهيون ساگر جون“
هو وري پڇندو هو پاڻ ۾ سمايل ان نار کان ته:
”ارهه سرنگي نينگري
ڇا ٿي ٻولين تون“
۽ هن کي جواب ملندو هو:
”ٻوليون ساگر جون“
۽ پوءِ هو پنهنجي تصور ۾ هن جي آلن وارن مٿان شفيق پاٻوهه سان هٿ ڦيريندي لکندو هو ته:
”ارهه سرنگي نينگري
ساگر انت نه پار
ڪارو ڪارونڀار“
اهو ڪارو ڪارونڀار، جنهن ۾ ويڙهجي ويل من، لوڪ شاعريءَ جون اهڙيون سٽون سرجيندا هئا، جيڪي اڄ جي شاعرن کي معلوم به ناهن. ڪنهن پاتو هوندو، پنهنجي دل جي ڪنن والن وانگر سنڌ جي لوڪ شاعريءَ جو اهو ورلاپ:
”تکڙي سير سمونڊ جي الا
ڪونجن جي به قطار ڙي “
اهو سمنڊ، جيڪو اسان جي لاءِ سکن ۽ سورن وارو ساحل هو. جنهن کي تصور ۾ آڻي حسن درس لکندو هو ته:
”تون ته سمجهين ٿي ته
منهنجا خواب سڀ نامرد ٿيا
۽ هجر جي شام هر ڪا
ڄڻ ته کدڙن جي مڙهيءَ جي ماٺ آهي
تون ته سمجهين ٿي ته مون ۾
تاڙيون، کجيون جهمپير جون
ڄڻ مري آهن ويون
هاڻي ويٺو
ساحلن تي بيوفائي پيو بڪان“
اهو حسن درس جنهن کي جوانيءَ ۾ اهو سمنڊ پوڙهو محسوس ٿيندو هو، جنهن جي لاءِ هن لکيو هو ته:
”ڪراڙو سمنڊ هي ڪيڏو
ڇڪي ٿو منهنجو موڳو من!
سرائڪي شاعريءَ جهڙي
هئي جا ڇوڪري هتڙي
هلي وئي ديس پنهنجي ڏي
سڪي ٿو منهنجو موڳو من“
ڪاش! ڪا اهڙي سرڪار به اچي، جيڪا ”دو درياهه“ جي ڀرسان حسن جي حوالي سان ”پيار جي پڪنڪ پوائنٽ“ جوڙائي ۽ ان جي تختيءَ مٿان اهي لفظ لکرائي ته:
”سمنڊ ٿو مون کي سڏي
مان هليو ويندس هتان
روز ٿو سوچيان وڃان
روز ٿي ڏانوڻ وجهين
روز ٿو ترسي پوان...“
پر شبنم جهڙا خواب اسان جا، اوجاڳن جي باهه ۾ آهن!!
ها! اهو سمنڊ جنهن جي ڪناري تي ”نيلوفر“ ڇتين ڇولين جا نورا ٻڌي نچڻ نه آئي! جنهن جا ٻيٽ اسان جي اکين وانگر کارن ڳوڙهن ۾ ٻڏي چڪا آهن. جنهن جي ساحل جي ڪي به ”پام جا درخت“ ناهن. جتي حسن ايترو آزاد ناهي، جو ”مياڻ جي وڳي مان تلوار جسم نڪرن“ ۽ ”واءُ کي وڍڻ لاءِ خنجر جا قسم نڪرن“
هي ديس صرف غلام ئي نه پر غلام ابن غلام ۽ ابن غلام آهي. صدين جي غلاميءَ ۾ ڦاٿل ديس جو سمنڊ جيڪڏهن غلاضتن جو ٽارچر برداشت ڪري به رهيو آهي ته ته ان ۾ عجب ڪهڙو!!؟
اهو سامونڊي واچوڙو، جيڪو هن جي وجود مٿان آيو ۽ ٻيڙن کي ٻاجهه سان رکي هليو به ويو، سو صرف لطيف جا اهي لفظ چوڻ ٿي آيو ته:
”بندر جا ڀئي، سکاڻيا مَ سمهو“
هن سمنڊ جي ڪناري صرف سستو ريڙهي مياڻ ناهي پر مهانگو ڊفينس به آهي ۽ ان کان وڌيڪ انويسٽ مينٽ ڪري رهيو آهي، اهو ملڪ رياض! جيڪو سمورن سياستدانن جي ٻارن جو انڪل آهي.
ان سمنڊ جي سيني مٿان سدائين وڍ وڌا آهن، ان انڪل الطاف! جيڪو سنڌين کان سمنڊ کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پنجاب ته اسان کان درياهه ۽ ايم ڪيو ايم اسان کان سمنڊ کسڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي!!
ڇا اهو تبصرو ڪافي ناهي، ان سياسي صورتحال تي، جيڪا ”نيلوفر“ جي نموني اچڻ جا هوڪا هڻي، هلي ٿي وڃي!!
ڇا اها اسان کي صرف آزمائي رهي آهي؟
نه اها اسان کي جاڳائي رهي آهي.
اها اسان جي دشمنن کي اهو احساس ڏياري رهي آهي ته ”مولائين جو مولا آهي. جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ موجود ڪن صاف نه ٿيو ته فطرت ڪنهن سائڪلون جي صورت ۾ اهڙو آپريشن ڪلين اپ ڪري سگهي ٿي، جنهن جي تهمت ڪنهن جي مٿان مڙهي نه سگهبي!!
هي ماڻهو، جن جا وڏڙا ”جر پوڄارا“ هئا. جيڪي ”سنڌو ۽ سمنڊ جي سنگم“ تي ڏيئا موهيندا هئا. جيڪي پاڻيءَ کي ڌرتيءَ جو سڀ کان وڏو ديوتا سمجهندا هئا. ڇا انهن جي پوڄا پاٺ جي ڪا انويسٽ مينٽ نه هوندي؟ ڇا هي سمنڊ اسان سان شهري ڇوڪريءَ وانگر بيوفائي ڪندو؟
عبدالقادر جوڻيجي جو اهو ڊرامو، شايد ڪو ٻيو هيو، جنهن ۾ سکان نالي مک ڪردار روحي بانوءَ کي ادا ڪرڻو هو. اها روحي بانو جيڪا ڪنهن ويچار جي وير ۾ وهندي، پنهنجي منهن چوندي هئي ته ”هڪ ڏينهن سمنڊ ڳالهائيندو“
اهو سمنڊ جنهن کي ماياڪو وسڪيءَ سمهندي ڏٺو هو. اسان وٽ اهو سمنڊ ديبل جي فتح کان پوءِ صدين تائين ستو رهيو آهي. پر بقول قرت العين حيدر ”جيڪو ستل آهي، تنهن کي هڪ ڏينهن جاڳڻو آ“
اهو سمنڊ جنهن ڪنڌيءَ تي صدين جي سُنَ رهي آهي ۽ اها پنهنجي خوابن ڀري خاموشيءَ ۾ انهن ڪُنن جي ڀڻ جهڻ ٻڌندي رهي آهي، جيڪي ڪراچيءَ ۾ سازشيءَ ميٽنگون ڪندا آهن. اهو سمنڊ نيلوفر جي حوالي سان ڄڻ ته ڪر ورائي صرف اهو سنيهو ڏئي ويو آهي ته ”هو مئو ناهي. هو صرف ستو پيو آهي“ جيڪو ستل آهي، تنهن کي هڪ ڏينهن جاڳڻو پوندو. اها ننڊ جاڳ واري ڪيفيت سياست جو عبوري دور آهي!
وقت حالتن جي وهندڙ ويرن جو نالو آهي. اهي حالتون ڪڏهن به ۽ ڪنهن وقت به پنهنجو رخ تبديل ڪري سگهن ٿيون ۽ مٽا ڦوڪي دهشت جا دهمان هڻندڙ وائڙي ماٺ جي مورتين ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا. هو جيڪي ڪنڌيءَ تي ٻارن وانگر ڪڏي رهيا آهن، سي ٻڏي به سگهن ٿا. هو جنهن جي ٿنڪ ٽينڪس کي پيروليون سلڻ جو فن نه ايندو آهي. انهن کي معلوم ناهي ته ”سوئا، پالڪ، چڪا“ جهڙن ٽن لفظن ۾ ڇا ڇا نه سمايل آهي؟
علامتي ادب جا عاشق چوندا هئا ته ”هر شيءَ هڪ پيروليءَ جهڙو پيغام ڏئي ٿي“ ان ڪري هر شيءَ علامت آهي. صرف عمل نه پر اهو اعلان به علامت آهي، جيڪو عمل ۾ نه اچي سگهيو!!
هي ڪنول جي گل نالي جيڪا سائڪلون اچي رهي هئي ۽ نه آئي! ان جي اچڻ ۽ نه اچڻ ۾ هڪ پيغام هو. جيڪو پناهگير ذهنيت کي سمجهه ۾ نه آيو. پر ان ۾ اسان لاءِ هڪ اميد ڀريو سنيهو ضرور هو. اسان کي سمنڊ ان طوفان جي حوالي سان اهو ٻڌايو ته جيڪڏهن خشڪيءَ وارا خنڪيءَ ۾ رهيا ته سنڌ جو تحفظ هن جي سمنڊ جون سيرون به ڪري سگهن ٿيون.
اها سنڌ جنهن جو ازلي تصور اڄ به اياز جي انهن لفظن ۾ لڏي رهيو آهي ته:
”جيئن جر پوڄارو سپني مان
جاڳي ۽ شور سمندر جو
هن تي ساڀيان جا وار ڪري
جيئن سندر ناري ڦولن سان
پهچي ته پروهت مندر جو
پٽ کولڻ کان انڪار ڪري!
جنهن وقت به پنهنجي ديس اڳيان
مان اوريان ڏکڙو اندر جو
هو مون تي ڪن لاٽار ڪري!!
مان سوچيان ٿو
مان ڪيئن چوان؟“
پر هاڻي چوڻ جو وقت اچي ويو آهي. هاڻي سنڌ کي پنهنجو اظهار ڪرڻو پوندو!
اها سنڌ جيڪا ٻاراڻي جذباتيت ۽ سطحي سياست کي صبر سان سهندي رهندي آهي.
اها سنڌ جنهن مٿان ڪوڙيون عظمتون مسلط ٿينديون رهيون آهن.
اسان سنڌ جيڪا تاريخ جي سموري وهڪري کان ڪٽجي، ڪنهن اداس موڙ تي ترسي پئي آهي.
اها سنڌ جنهن کي اهو يقين رهيو آهي ته:
”هن جي سواگت جي لئه اچڻو آ
ڪو واچوڙو
ٿي جيون جي جئه اچڻو آ
ڪو واچوڙو
ڪک پن ٿيندا کئه اچڻو آ
ڪو واچوڙو
ها نه مڃ، هئه هئه اچڻو آ
ڪو واچوڙو....!!“
اهو واچوڙو ان نيلوفر جهڙو نه هوندو، جنهن سنڌ جي ساحل سان پنهنجي ملاقات ملتوي ڪري ڇڏي!!